کيرٿر ۾ نئن سيتا ويجھو ٿييل چٽسالي

کيرٿر ۾ نئن سيتا ويجھو ٿييل چٽسالي

چِٽَ پهاڙن جا

چِـٽَ پهاڙن جا: (Rock Art- Peroglyph/ Petroglyph): مختلف هنڌن تي ماهرن پٿرن تي اُڪريل قديم چِٽ هٿ ڪيا آهن. اهڙا پهريان چٽ ارنهم لينڊ (Arnhem Land) نالي ماڳ تان مليا هئا، جيڪو اتر آسٽريليا ۾ آهي ۽ اهي 60,000 سال قديم چيا وڃن ٿا. ڪمبرلي (Kimberly) ريجن اتر- اولهه آسٽريليا مان به ٽڪرين تي اهڙا چٽ مليا آهن، جن جي عمر 40,000 سال ڪٿي وئي آهي، ان قسم جي کوجنا جو آغاز 1940ع کان ٿيو. ماهرن جو خيال آهي ته ان قسم جا چٽ لاڏائو قبيلن واندڪائي ۾ ويهي چٽيا هوندا. هي چٽ
ٽڪري/ پٿر کي اتي جو اتي کرڙي کرچي، ڪنهن چنهباري هٿيار سان ٽُڪي، جهير ڏئي، يا سوراخ ڪري (Drilling) چٽيل آهن ۽ پوءِ انهن جي مٿان ڪن جاين تي قدرتي رنگ هڻي کين خوبصورت بنايو ويو آهي. قدرتي رنگ جپسم، مٽيءَ، توتئي وغيره مان ٺاهيا ويندا هئا. انهيءَ قسم جا سٺي ۾ سٺا چٽ گهڻو ڪري ٽاڪرو اجهن ۽ غارن مان مليا آهن، جن تي موسمي اثر گهٽ پيا آهن. پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پاهڻ جي چترڪاريءَ جا ڪافي ماڳ مليا آهن، جن تي ڊاڪٽر احمد حسن داني هڪ ڪتاب لکيو آهي.
سنڌ ۾ به پٿر تي نقش نگاري، تصوير ڪشي يا چٽسالي نه صرف خوبصورتيءَ جو مظهر رهي آهي، پر ماڻهن جي روحاني ۽ گڏيل سماجي نظام بابت، تصور جو اهم نمونو پيش ڪيو آهي. سنڌو تهذيب جي پٿر تي اُڪر يا نقش نگاريءَ جا اوائلي مثال تاريخ کان اڳ واري دور جي نشاندهي ڪن ٿا. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ پٿر تي ٿيل اُڪر ۾ مختلف جانورن جون شڪليون تصويرون ۽ شڪار جا منظر، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي اظهار ڏيکاريل آهي. پٿر تي اُڪر يا چٽ ڪڍڻ آرٽ جو هڪ نمونو آهي. آرٽ يا هنر جو هي نمونو ’راڪ آرٽ‘ (Rock Art) جي ذمري ۾ اچي ٿو. پٿر تي کرڙي لکڻ، تصويرون ڪڍڻ يا رنگن جي مدد سان شڪليون ٺاهڻ واري هنر جي شروعات قديم پٿر واري زماني کان چئي وڃي ٿي. جڏهن انسان غارن ۾ رهندو هو، تڏهن هن فطرت جي رنگن، نظارن، منظرن ۽ جانورن بابت ويچارڻ شروع ڪيو هو ۽ ان سوچ کي پٿر تي اُڪر جي صورت ۾ اظهاريو ويو. قديم زماني کان اسلام جي ظهور تائين سنڌ تي هندومت، ٻڌمت ۽ جين مت نمايان نظر اچن ٿا. قديم سنڌ جي تهذيبي تاريخ ۾ مذهبي لحاظ کان ان ڳالهه جو ثبوت ملي ٿو، جيڪو کيرٿر جي مختلف ٽونڪن تي لهڻ چڙهڻ دوران ڪيترن هنڌن تي جبل تي اوائلي دؤر جي ماڻهن، سرهن، گڊن، هرڻن ۽ ٻڌمت جي ٺلن وغيره تي ابتيون سبتيون شڪليون چٽيل مليون آهن. خاص ڪري ڪُتي جي قبر ڏانهن ويندي سيتا نئن جي ٻئي ڪپ تي ’شاهه جي ڪنڀ‘ وٽ اهي شڪليون ڪافي تعداد ۾موجود آهن. ان ڪري ماڻهو ان کي ’چٽن واري ڀر‘ چون ٿا. ساڳئي وقت ڏمري لڪ کان لهڻ مهل به رستي تي اهڙا چٽ نمايان ملن ٿا. اهڙي قسم جون شڪليون ’ڦير ٿل‘ ۽ ٻين هنڌن تي به نقش ٿيل مليون آهن. ميان ڪوٽ، ڪاري ڪوٽ ۽ پپرا سر ويندي رستي ۾ سدومزو، ننهن جهڏڙي ماڳ، ڀورن دڙن ٽڪرن وارن ماڳن تي به ’پٿري چٽ‘ موجود آهن. سنڌ جي جاکوڙي محقق بدر ابڙي اهڙن چٽن جي نشاندهي ڪندي سنڌ جي قديم چٽن / چٽساليءَ بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ کيرٿر جبل ۾ قديم ماڻهن جي هن هنر تي ڪافي روشني وڌي آهي. هي آرٽ، پٿر جي دؤر/ پيليوليٿڪ دؤر جي ماڻهن سان منسوب چيو وڃي ٿو، جن شروعات ۾ اوزارن ۽ هٿيارن تي معمولي اُڪر سان ساديون، ٽيڏيون ۽ انگڙ ونگڙ لڪيرن سان جانورن جون خيالي تصويرون ڪڍيون. انهن جو مقصد ڇا هو، ان بابت اڃا ڪا حتمي راءِ نه جڙي آهي، پر اها پڪ آهي ته اهي ليڪون بي مقصد نه هيون. بدر ابڙي جي لکڻ موجب پوريءَ دنيا ۾ هن وقت تائين 2000 اهڙيون غاريون مليون آهن ۽ هر سال اهڙين غارن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. غارن ۾ تصويرون يا ته پينٽ ٿيل آهن يا وري پٿر جي ڇيڻيءَ سان اُڪريل آهن.
هندستان ۾ هن قسم جو خوبصورت ماڳ ڀمبيٽڪا آهي، جيڪو مڌيه پرديش جي راءِ سين علائقي ۾ ڀوپال کان 50 ڪلوميٽر پري آهي. ڀمبيٽڪا ۾ 750 کان مٿي غارون ۽ ٽاڪرو اجها آهن، جن مان 500 کان مٿي غارن ۾ هن قسم جي اُڪر ٿيل آهي، جنهن کي اسان چٽسالي چئي سگهون ٿا. هي ماڳ شايد دنيا ۾ چٽساليءَ (Rock Paintings) جو وڏي ۾ وڏو ماڳ آهي، جتي گهڻي کان گهڻن پٿرن تي چٽسالي ٿيل آهي. پاڪستان ۾ پروفيسر ڪارل جيٽمار جو اترين علائقن ۾ پٿرن تي چٽساليءَ بابت انگريزيءَ ۾ ڪتاب 1982ع ۾ ’لوڪ ورثي اسلام آباد‘ پاران ڇپايو ويو هو، جنهن ۾ هن اندازو لڳايو هو ته اترين علائقن وارن اڪريل چٽن ۾ اخميني دور جو اثر آهي، هن صاحب چلاس، عالم برج، ٿور، دانيور، هنزه، هيسار، لداخ، ناگر، شـيـل بـرج ۽ ڪـراڪـرم ۾ مـوجـود اُڪريل چـٽن جو واضـح ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ گجي لڳ ٿرڙو ٽڪري، لڪي جبل جي اولهه طرف ڏلهه وٽ، اين. جي مجمدار 1934ع ڌاري اهڙي قسم جي چٽن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ان کانپوءِ اشتياق انصاريءَ مزو چٽن واري ماڳ بابت ڄاڻ ڏني آهي، جتي پٿرن تي چٽ چٽيل آهن. ان کانپوءِ بدر ابڙي غيبي ديري، چٽن واري ڀر، ميار ڪنڊ، بيلو ڪنڊ، سرڻي ڪوٽ، ڪارا لداخ، ڪونڊو ماڳ، شانهر، ڪيهر لڪ، ٽونگاري، نئن نري وغيره ۾ ملندڙ چٽن بابت تفصيلي ذڪر پنهنجي ڪتاب ’کيرٿر ۾ چٽسالي‘ (2011ع) ۾ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو